سون ڦِدي/ سون ڦِدڙي

سون ڦِدي/ سون ڦِدڙي

سون ڦِدي سون ڦِدڙي

سون ڦِدي/ سون ڦِدڙي (Sindh purple Sumbird): هي پکي Nectariniidae خاندان جي 120 جنسن مان هڪ جنس آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ دنبارگ، تيل وهيڙو، ميٽر ۽ سون ڦِدي يا سون ڦِدڙي چيو ويندو آهي، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ Sindh Purple Sunbird ۽ سائنسي زبان ۾ (Nectarinia asiaticalbrevirostris Blanford) جي نالي سان مشهور آهي.
هيءُ پکي تقريباً 10 سينٽي ميٽر (4 انچ) جو ٿئي ٿو. اونهاري ۽ سياري جي مندن ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلوئي توڙي مٿانهين علائقن ۾نظر ايندو آهي. پکيءَ جو رنگ چمڪدار، خوبصورت ٿئي ٿو. ماديءَ جي ڀيٽ ۾ نر جو رنگ وڌيڪ پر ڪشش ۽ نمايان هوندو آهي. نر جي پٺ گهري نيري ۽ ڪاران مائل ڳاڙهي (عنابي) رنگ جي ۽ پيٽ گهري عنابي (ڪاران مائل ڳارهي) رنگ جو ٿئي ٿو. سياري جي مند ۾ نر جو رنگ مختلف يعني پٺي زيتوني ڀوري رنگ جي، پڇ ڪاراڻ مائل ۽ پيٽ پيلان مائل هوندو آهي، جڏهن ته مادي پکيءَ جي پٺ ڀوران مائل زيتوني رنگ جي ۽ هيٺيون پيٽ وارو حصو چمڪدار پيلي سونهري رنگ جو ٿئي ٿو. جنهنڪري سنڌ ۾ عام طور سون ڦدي/سون ڦدڙي جي نالي سان مشهور آهي. هن پکيءَ جا پر ننڍا، ڄنگھون ۽ چنبا مضبوط، چهنب ڊگھي، سنهي ۽ هيٺ طرف وريل هوندي اٿس. گلن جو رس واپرائڻ سبب عموماً گلدار ٻوٽن جي چؤڌاري يا باغن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڪيلي سر يا ولر جي صورت ۾ به رهندو آهي. شڪاري نگاهه ۽ بهترين اڏام جي ڪري اڪثر اڏامندڙ جيتن جو شڪار پڻ ڪندو آهي. نسلي واڌ ويجھه اونهاري جي مند دوران اترين علائقن ۾ ڪندا آهن، جنهن لاءِ نر ۽ ماد گڏجي وڻن ۾ ڪکن، پنن ۽ مڪڙيءَ جي ڄارن سان آکيرا جوڙيندا آهن. مادي پکي هڪ وقت ۾ ٻه کان ٽي آنا ڏيندي آهي، جيڪي گول ۽ معمولي ليڪن سان اڇي رنگ جا ٿين ٿا. آري جو عرصو 13 کان 5 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.
ننڍي کنڊ ۾ هن جنس جا ٽي نسل (N.A asiatica)، (N.A Brevirostris) ۽ (N.A intermedia) تمام عام آهن ۽ هندستان، سريلنڪا، نيپال ۽ پاڪستان ۾ ڪثير تعداد ۾ ملن ٿا، جن مان هڪ نسل (N.A breirostris) سنڌ جي جابلوئي توڙي ساوڪ وارن علائقن ۾ ٿوري تعداد ۾ نظر اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو